سريمڻ جو ڪوٽ

سريمڻ جو ڪوٽ (ماڳ): هي ڪوٽ تعلقي وارهه، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ جي ڳوٺ حمل کان اوڀر طرف ۽ ڪاڇڙي ڍنڍ کان اولھه طرف واقع آهي. روايت آھي ته ارغونن جي حملي جي بچاءَ خاطر ڄام نندي ھتي قلعو ٺھرايو ھو. جنھن جا ڪجھه نشان ھتي بيٺل آھن. دڙي تي ٻه قبرون آھن، جن مان ھڪ سريمڻ جي آهي، جنھن ڄام نندي جي حڪم تي اهو ڪوٽ اڏايو، جو پاڻ چانڊين جو سردار ھو ۽ ٻي قبر سندس ڌي مزوءَ جي چون ٿا. هي ڪوٽ حمل ڍنڍ جي الهه ڪناري تي آهي، سريمڻ خان، ڄام انڙ جي حڪم تي ارغونن سان وڙهيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو